ڇهن ورهين جو نينگر هيوي مشينري هلائڻ جو ماهر

news

هنوئي: خميس 24 جنوري 2019ع: اڏاوتي ڪم جي دوران مزدورن کي ڊگر مشين وسيلي ملبو کڻندي ته اوهان اڪثر ڏٺو هوندو پر ويٽنام ۾ 6 ورهين جو نينگر نه صرف هيوي ڊيوٽي ڊگر کي آساني سان ڊرائيو ڪري وٺندو آهي پر ان جي پيچيدا نظام وسيلي ڳرو ملبو کڻڻ جو ڪم به ماهر مشين آپريٽر جيان انجام ڏيندو آهي.

ويٽنام جي شهر هنوئي ۾ ننڍڙي نينگر کي ڪنهن ماهر مزدور جيان ڊگر مشين هلائيندي ڏسي جتي ڪجهه ماڻهو حيران رهجي ويا اتي ئي ڪيترن ئي ٻار جي والد کي ان لاپرواهي تي تنقيد جو نشانو به بڻايو جڏهن ته نينگر جي وڊيو سوشل ميڊيا تي تمام گهڻي مقبول ٿي رهي آهي جنهن کي هينئر تائين لکين ماڻهو ڏسي چڪا آهن.

سوشل ميڊيا  تي وائرل ٿيندڙ وڊيو ۾ صاف نظر اچي رهيو آهي ته ڪهڙي طرح هن ڪنهن ماهر ڊرائيور جيان ملبو کڻڻ جو ڪم سرانجام ڏنو جيتوڻيڪ ان ڪم لاءِ ڪيترن ئي مهينن جي ٽريننگ گهربل هوندي آهي.