جيڪب آباد ۾ شهرين پاران سول اسپتال انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو

news

جيڪب آباد: جمعو 25 جنوري 2019ع:جيڪب آباد ضلعي جي هيڊ ڪواٽر واري سول اسپتال جيڪب آباد ضلعي جي عوام لاءِ بي لاڀ بڻجي وئي آهي سول اسپتال جي دل واري شعبي سميت مختلف شعبه غير فعال هجڻ ڪري ۽ دوائن جي کوٽ هجڻ ڪري مريض هڪ روپئي جي گوري توڙي مختلف ٽيسٽن جي چڪاس لاءِ در بدر بڻيل آهن.

سول اسپتال جي دل واري شعبي سميت مختلف شعبه غير فعال هجڻ ۽ دوائن سمت ٻين سهولتن جي کوٽ خلاف شهرين جو عابد سنڌي، حبيب لاشاري، محمد حسن ٽالاڻي، عزيز سيال، چاڪر جوڻيجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهيد الله بخش پارڪ کان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

مظاهرين جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر هئا، جن مٿان سول اسپتال جي ايم ايس ۽ دوائن جي کوٽ خلاف مختلف نعرا لکيل هئا. مظاهرين شهر جي مختلف رستن کان ٿيندا، سول اسپتال جي مين گيٽ آڏو پهچي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هڻي ايم ايس سول اسپتال خلاف سخت نعري بازي ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سول اسپتال جي سالياني بجيٽ ٻن ڪروڙن کان به وڌيڪ آهي پر افسوس جو سول اسپتال ۾ مريضن کي هڪ روپئي واري گوري ۽ پنجين رپئي واري بينڊيج به ملڻ هڪ خواب بڻيل آهي.

هنن چيو ته سول اسپتال جي ڪروڙين روپين جي بجيٽ ايم ايس ۽ هيڊ ڪلرڪ پاڻ ۾ملي ڀڳت ڪري هڙپ ڪن ٿا، انهن کان ڪير به پڇڻ وارو ناهي ڇو ته انهن تي حڪومتي پارٽي جي اڳواڻن جو هٿ آهي جنهن جي ڪري اهي سول اسپتال ۾ اڇي ڪاري جا مالڪ بڻيل آهن.

هنن چيو ته سول اسپتال جي دل واري وارڊ سميت مختلف شعبه غير فعال بڻيل آهن، دل جي وارڊ سميت مختلف وارڊن ۾رات جي وقت ڊاڪٽرن بدران سيکڙاٽ ڊسپينسر ڊيوٽيون ڏئي رهيا آهن، جنهن سبب هڪ هفتي دوران دل جو دورو پوڻ سبب ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا آهن پر ايم ايس سول اسپتال توڙي ضلعي انتظاميا مجرماڻي خاموسي اختيار ڪئي آهي.

هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته دل واري شعبي سميت مختلف شعبه جلد فعال نه ڪيا ويا ۽ دوائن جي کوٽ ختم نه ڪئي وئي ته ڊي ايڇ او جي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو.01