امام الحق جي سينچري ضايع، ميزبان ڏکڻ آفريڪا تيرنهن رنسن تان ڪامياب

news

 سينچورين: ڇنڇر 26 جنوري 2019ع: برسات ڏکڻ آفريڪا لاءِ رحمت بڻجي آئي، ميزبان ٽيم ٽئين ون ڊي انٽرنيشنل مئچ ۾ پاڪستان کي ڊڪ ورٿ لوئس قانون تحت 13 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ 1-2 جي برتري حاصل ڪري ورتي آهي، جڏهن ته امام الحق جي سينچري به پاڪستان جي ڪم اچي نه سگهي.

رپورٽن مطابق سينچورين ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم ون ڊي سيريز جي ٽئين مقابلي ۾ 317 رنسون ٺاهڻ باوجود هارائي وئي. ڏنل هدف کانپوءِ ڏکڻ آفريڪا 33 اوورن تائين ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 187 رنسون ٺاهيون ته برسات شروع ٿي وئي ۽ مئچ ٻيهر شروع نه ٿي سگهي، ان تي امپائرن بهترين رن ريٽ جي بنياد تي ڏکڻ آفريڪا کي ڊڪ ورٿ لوئس قانون تحت 13 رنسن تان ڪامياب قرار ڏنو.