اڏيرو لال اسٽيشن: ڳوٺ فيض محمد هنڱورو تي هٿياربندن جي چڙهائي، زميندار علي گل مبينا اغوا

news

اڏيرو لال اسٽيشن: ڇنڇر 26 جنوري 2019ع:اڏيرو لال اسٽيشن ٿاڻي جي حد واري ڳوٺ فيض محمد هنڱورو ۾ رات دير سان 10 هٿياربند گهرن تي چڙهائي ڪري ٻارن ۽ عورن تي تشدد ڪري ڳوٺ جي زميندار ۽ حر جماعت جي خليفي علي گل هنڱورو کي مبينا اغوا ڪري کڻي ويا.

اطلاع ملندي ئي سوين ڳوٺاڻا ۽ پوليس جي مدد سان پيرا کنيا ويا، جيڪي اڳتي هلي گم ٿي ويا، جڏهن ته اغوا ٿيل جي ڀائرن الزام هنيو آهي ته اسان جو پنهنجي برادري جي ماڻهن ابل هنڱورو، مولابخش هنڱورو، ڍلو هنڱورو وارن سان زميني ۽ سڱاوتي تڪرار هلندڙ هو ۽ اغوا ۾ پڻ اهو ملوث آهن ۽ انهن اسان تي ڪوڙا ڪيس پڻ داخل ڪرايا آهن.

ٻئي طرف ٿاڻي جي وڏي منشي ذوالفقار سينهڙي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان ڪيس داخل ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

هوڏانهن ذريعن کان اها ڄاڻ ملي آهي ته ڪجهه عرصو اڳ مشتاق ۽ ٻانهون خلاف حب جي ٿاڻي ڪراچي ۾ ايف آءِ آر داخل ٿيل هئي، جنهن کانپوءِ فريادين جي چوڻ تي سي آءِ آي پوليس ڪراچي ڳوٺ فيض محمد تي چڙهائي ڪئي آهي.01