دڪي ۾ ڪوئلي جي کاڻ اندر ٽرالي جي رسي ٽُٽڻ سبب ٻه پورهيت فوت

news

 ڪوئيٽا: آچر 27 جنوري 2019ع: بلوچستان جي علائقي دڪي ۾ ڪوئلي جي کاڻ اندر ٽرالي جي رسي ٽٽڻ سبب ٻه پورهيت فوت ٿي ويا آهن.

پوليس مطابق دڪي ۾ واقع مقامي ڪوئلي جي کاڻ انادر پورهيت معمول جيان ڪم ڪري رهيا هئا ته ان دوران کاڻ مان ڪوئلو ٻاهر کڻي ويندڙ ٽرالي جي رسي ٽُٽي پئي، ٽرالي هيٺيان اچڻ سبب 2 پورهيت فوت ٿي ويا، پورهيتن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا، جيڪي ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيا ويا آهن.