پشاور ۾ جوابدارن فائرنگ ڪري ٻن نوجوانن کي قتل ڪري ڇڏيو

news

 پشاور: اڱارو 29 جنوري 2019ع: پشاور ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن ۾ ٻن نوجوانن کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي.

پوليس مطابق پشاور جي علائقي ڪگا ولا ۾ ٻن نوجوانن جا لاش هٿ آيا آهن، انهن ٻنهي نوجوانن کي اڻڄاتل جوابدانر گوليون هڻي قتل ڪيو آهي. پوليس مطابق مارجي ويلن نوجوانن جي عمر 22 کان 30 ورهين جي وچ ۾ آهي، جن جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا آهن.