پسني ڀرسان گهر جي ڇت ڪري پئي، زال مڙس ٻن ٻارڙن سوڌو فوت

news

 پسني: اڱارو 29 جنوري 2019ع: پسني ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب زال مڙس ٻن ٻارڙن سوڌو فوت ٿي ويا آهن.

رپورٽن مطابق بلوچستان جي علائقي پسني جي وارڊ نمبر 3 باغ بازار ۾ گهر جي ڇت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ زال، مڙس ۽ سندن ٻه ٻارڙا فوت ٿي ويا. اطلاع باوجود امدادي ٽيمن جي نه پهچڻ تي مقامي ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ تحت لاش مٽيءَ جي ڍير هيٺيان ٻاهر ڪڍي اسپتال منتقل ڪيا.