لورالائي ۾ ڊي آءِ جي آفيس تي دستي بم حملو، فائرنگ، پنج ڄڻا زخمي

news

 لورالائي: اڱارو 29 جنوري 2019ع: لورالائي ۾ ڊي آءِ جي آفيس تي دستي بم سان حملي کانپوءِ فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

رپورٽن مطابق لورالائي ۾ پوليس ۾ ڀرتي لاءِ هلندڙ ٽيسٽ دوران دستي حملو ڪري فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا. واقعي کانپوءِ امدادي ٽيمن زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو، جڏهن ته پوليس ۽ ايف سي علائقي کي ڪڙو چاڙهيندي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.

پوليس مطابق ڊي آءِ جي پوليس جي آفيس ۾ ڪلاس فور جي ملازمن جي ڀرتي لاءِ ٽيسٽ ورتي پئي وئي ته ان دوران اڻڄاتل ماڻهن دستي بم سان حملو ڪري فائرنگ ڪئي، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.