ايران فرانس سان گڏ ڳجهين ڳالهين جي تصديق نٿو ڪري سگهي: بهرام قاسمي

news

 تهران: اڱارو 29 جنوري 2019ع: ايراني پرڏيهي وزير جي ترجمان بهرام قاسمي چيو آهي ته ايران فرانس سان ڳجهي ڳالهين جي تصديق نٿو ڪري سگهي.

ترجمان موجب هو بيلسٽڪ ميزائل منصوبن جي حوالي سان فرانس سان ڳالهين جي توثيق نٿو ڪري سگهي. هن موجب ايراني ميزائل منصوبو دفاعي نوعيت جو آهي ۽ ان تي رڳو داخلي سطح تي ئي ڳالهيون ممڪن آهن.

فرانس جي پرڏيهي وزير جمعي ڏينهن تي چيو هو ته ايران سان گڏ بيلسٽڪ ميزائل جي موضوع تي جاري ڳالهين ۾ اڳڀرائي نه ٿي ته فرانس ايران تي وڌيڪ پابنديون لاڳو ڪرڻ تي تيار آهي.