بگ بيش ليگ: هوبارٽ هريڪينز ٽاپ پوزيشن تي قبضو ڄمائي ورتو

news

سڊني: اڱارو 29 جنوري 2019ع: بگ بيش ليگ ۾ هوبارٽ هريڪينز برسبين هيٽ کي نون وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽاپ پوزيشن تي قبضو ڄمائي ورتو، ايڊليڊ اسٽرائيڪرز خلاف سڊني سڪسرز پنهنجي ميچ کٽي ورتي.

آسٽريليا ۾ چوڪن، ڇڪن جي برسات، بگ بيش ليگ ۾ هوبارٽ هريڪينز جي ٽيم 9 وڪيٽن تان ڪامياب رهي.

برسبين هيٽ هڪ سئو پنجتاليهن رنسن جو دفاع نه ڪري سگهي، هوبارٽ جي ڊراسي شارٽ ۽ ڪيلب جيويل ففٽيون اسڪور ڪيون.

هڪ ٻئي ميچ ۾ ايڊليڊ اسٽرائيڪرز 8 وڪيٽن تان ناڪام ٿي، سڊني سڪسرز کي هڪ سئو پنجويهن رنسن جو هدف مليو هو جيڪو هن 2 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو، موزز هينرڪس 61 رنسن جي جارحاڻي اننگز کيڏي.