ناموس رسالت تي ڪا به سوديبازي نه ڪئي ويندي: مولانا فضل الرحمان

news

 صوابي: خميس 31 جنوري 2019ع: جميعت علماءِ اسلام جي امير مولانا فضل رحمان 17 فيبروري تي مردان ۾ جي آءِ ٽي جي احتمام هيٺ ٿيندڙ ختم نبوت، ناموس رسالت ۽ ملين مارچ جي تيارين جي باقائده شروعات صوابي مان ڪندي واضح ڪيو آهي ته هي هڪ عظيم الشان قومي مظاهرو هوندو، جنهن ۾ لکن جي انگن ۾ عالم سڳورا، کٿابي، ڪارڪن ۽ هر مڪتب فڪر جا ماڻهو شرڪت ڪندا.

ان ڏس ۾ هن صوابي جو دورو ڪيو، ان موقعي تي هن تعليم القرآن شاهه منصور جنهن کانپوءِ نقشه بنديا شاهه منصور ۾ عالمن جي وڏي ميڙ کي خطاب ڪيو، 17 فيبروري تي مردان ۾ ملين مارچ سبب شاهه منصور عالمي تحفظ ختم نبوت جي سلسلي ۾ 13 فيبروري جو تاريخي اجتماع ملتوي ڪري ڇڏيو ۽ شاهه منصور جو اهو عالمي اجتماع 23 ۽ 24 فيبروري تي ٿيندو.

مولانا فضل رحمان چيو ته ناموس رسالت تي ڪا به سوديبازي نه ڪئي ويندي، مسلمان ناموس رسالت لاءِ پنهنجا سر به قربان ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته نطرياتي آزادي جي جنگ وڙهي رهيا آهيون، 17 فيبروي تي ملين مارچ ۾ ڀرپور طاقت جو مظاهرو ڪنداسين، جنهن ۾ لکن جي انگ ۾ ماڻهو شرڪت ڪندا.