پيٽرول جي في ليٽر تي اُڻهٺ پئسا گهٽتائي

news

 اسلام آباد: خميس 31 جنوري 2019ع: پيٽروليم وارين شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن مطابق پيٽرول جي في ليٽر ۾ 59 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي آهي.

پڌرائي مطابق پيٽرول جي نئين قيمت 90 رپيا 38 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي، ان کانسواءِ گاسليٽ جي قيمت 73 پئسا گهٽائي 82 رپيا 25 پئسا في ليٽر، لائٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 25 پئسا گهٽتائي ڪري 75 رپيا 3 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.

ان کانسواءِ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 106 رپيا 68 پئسا في ليٽر برقرار آهي.