ٻارڙن جي سکيا لاءِ صوفيا نالي ننڍو روبوٽ تيار

news

 ڪيليفورنيا: جمعو پهرين فيبروري 2019ع: آمريڪا ۾ سليڪن ويلي ۾ واقع هڪ ڪمپني لٽل صوفيا نالي روبوٽ ٺاهيو آهي، جيڪو ٻارڙن سان ڳالهائڻ ۽ گيت ڳائڻ کانسواءِ کين پروگرام جي زبان ۽ هنر (ڪوڊنگ) به سيکاري ٿو ۽ ٻار به ان کي ڏسي خوش ٿين ٿا.

هينسن روبوٽڪس پاران تيار ڪيل هن روبوٽ جي ڊيگهه رڳو 36 سينٽي ميٽر آهي، جنهن تي انساني شڪل جا تاثر به ڏسي سگهجن ٿا، ان جي مٿي جو پويون حصو به شفاف بڻايو ويو آهي، جنهن ۾ برقي سرڪٽ ۽ ٻيا اوزار ڏسي سگهجن ٿا، ماهرن هن کي ”تعليمي ايلڪسا“ جو نالو ڏنو آهي. هن ايجاد ۾ مڪمل روبوٽ جهڙا فنڪشن رکيا ويا آهن، جن جي لسٽ ڊگهي آهي. هي روبوٽ ٻارڙن کي لطيفا به ٻڌائي ٿو، ڳائي به ٿو ۽ ٻارڙن سان گڏ گيمون به کيڏي ٿو.

هن کي ننڍي استاد به چئي سگهي ٿو، آءِ او ايس ۽ اينڊروئڊ ايپ سان استعمال ڪرڻ سان پائٿن ۽ بلوڪلي زبان ۾ پروگرامنگ به سکي سگهجي ٿي. صوفيا کي 7 کان 13 سالن جي ٻارڙن خاص ڪري نياڻين لاءِ ٺاهيو ويو آهي ته جيئن هي روبوٽ انهن ۾ سائنس، ٽيڪنالاجي، رياضي ۽ انجنيئرنگ جو شعور اجاگر ڪري سگهي.