سنڌ ۾ گئس بحران شدت اختيار ڪري ويو، سي اين جي اسٽيشن وڌيڪ ٻارنهن ڪلاڪن لاءِ بند

news

 ڪراچي: ڇنڇر 02 فيبروري 2019ع: سنڌ ۾ گئس جو بحران اڃا تائين برقرار آهي، سئي سدرن سي اين جي اسٽيشن کي وڌيڪ 12 ڪلاڪن لاءِ بند ڪري ڇڏيو آهي.

رپورٽن مطابق سئي سدرن گئس ڪمپني پنهنجي پڌرائي ۾ ٻڌايو آهي ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ٿڌ ۾ واڌ سبب گئس جي طلب ۾ واڌ ٿي آهي، جنهنڪري گئس پريشر ۾ گهٽتائي اچي وئي آهي.  سڄي سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنن کي 24 ڪلاڪن جي معمول بندش کانپوءِ اڄ صبح 8 وڳي کلڻو هو پر سئي گئس عملدارن سڄي صوبي ۾ وڌيڪ 12 ڪلاڪن جي بندش جا حڪم جاري ڇڏيا.

عملدارن مطابق صبح 8 وڳي کلندڙ سي اين جي اسٽيشن هاڻي رات 8 وڳي کولي ويندي، گهريلو واهپيدارن جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ سي اين جي اسٽيشنن کي گئس جي سپلاءِ معطل ڪئي وئي آهي.