اڏيرو لال اسٽيشن ۾ ڳوٺاڻي جو پلاٽ تي قبضي جي ڪوشش ڪندڙن خلاف احتجاج

news

اڏيرو لال اسٽيشن: سومر 04 فيبروري 2019ع:اڏيرو لال اسٽيشن ويجهو ڳوٺ الهه بخش ميرجت جي رهواسين خدابخش ساهووال پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي صحافين اڳيان دانهيندي الزام هنيو آهي ته شاهنواز ساهووال، شاهد ساهووال، سانوڻ ساهووال، سڪندرساهووال، ننگر ساهووال، خالد ساهووال ۽ ٻيا منهنجي ڀاءُ جي پلاٽ تي زبردستي قبضو ڪرڻ لاءِ اسان کي حراسان ڪري رهيا آهن.

هن وڌيڪ چيو ته منهنجي ڀاءُ قانون جو سهارو وٺي عدالت ۾ انهن خلاف پٽيشن پڻ داخل ڪرائي آهي ۽ ان باوجود به اسان جي پلاٽ تي زبردستي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا. هن چيو ته ڄاڻايل ڌر جي ماڻهن اڳ به اسان تي عملو ڪيو هو ۽ هاڻ وري اسان کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.

هن چيو ته آئون دل جو مريض آهيان ۽ انهن مان مون کي جان جو خطرو آهي. هن چيو ته آئون آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي مٽياري کان مطالبو ٿو ڪيان ته ڄاڻايل ڌر خلاف قدم کڻي مون کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.01