پشين ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب چار ٻارڙا فوت، ٽي زخمي

news

 پشين: اڱارو 05  فيبروري 2019ع: بلوچستان جي ضلعي پشين ۾ هلندڙ تيز برسات سبب گهر جي ڇت ۽ ڀت ڪرڻ سبب 4 ٻارڙا فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا آهن.

رپورٽن مطابق رات دير سان تيز برسات ۽ طوفان سبب ڪلي لمڙان واري علائقي يعقوب ڪالوني ۾ واقع هڪ ڪچي گهر جي ڇت ۽ ڀت ڊهي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ٻارڙا دٻجي فوت ٿي ويا.

اطلاع ملڻ باوجود امدادي ٽيمن جي نه پهچڻ تي ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪارروايون ڪندي مٽي جي ڍير هيٺيان 4 ٻارڙن جا لاش ۽ ٽن ڄڻن کي زخمي حالت ۾ ڪڍي ورتو، جن کي ٽراما سينٽر ڪوٽڙي منتقل ڪيو ويو آهي.