بلوچستان ۾ ويهه سالن کانپوءِ ڀريل صالحان ڊيم کي گهارو، سوين ايڪڙ فصل ۽ باغ پاڻي هيٺ

news

 ڪوئيٽا: اڱارو 05  فيبروري 2019ع: بلوچستان جي ضلعي چاغي ۾ 20 ورهين کانپوءِ مڪمل طور تي ڀرجندڙ صالحان ڊيم کي گهارو پئجي ويو آهي، هي ڊيم سخت برساتن سبب ٻن ڏهاڪن کانپوءِ پاڻيءَ سان ڀرجيو هو.

رپورٽن مطابق پاڪ _افغان سرحدي علائقي ۾ واقع صالحان ڊيم کي سخت برساتن سبب گهارو پئجي ويو آهي، جنهنڪري سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل ۽ باغن کي نقصان پهتو آهي ۽ زرعي زمين پاڻي هيٺ اچي وئي آهي. صالحان ڊيم کي گهارو پوڻ سبب ڪنهن به جاني نقصان جو اطلاع ناهي مليو.