ڏکڻ آفريڪا ۽ پاڪستان جون ٽيمون ٽئين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ سڀاڻي آمهون سامهون ٿينديون

news

 سنچورين: اڱارو 05  فيبروري 2019ع: ڏکڻ آفريڪا ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٽئين ۽ آخري ميچ سڀاڻي اربع تي سنچورين ۾ کيڏي ويندي، ميزبان ٽيم کي پاڪستان خلاف سيريز ۾ 0-2 جي فيصلائتي سرسي حاصل آهي.

ان کان اڳ پروٽيز پاڪستان کي ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ ڪلين سوئيپ ڪيو هو، جڏهن ته هڪ ڏينهن واري ميچن جي سيريز ۾ 2-3 تان شڪست ڏني هئي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽئين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ 6 فيبروري تي کيڏي ويندي.