ڪرڪ ۾ مسافر ڪوچ ۽ پڪ اپ وچ ۾ ٽڪر، ڇهه ڄڻا فوت، يارنهن زخمي

news

بنون: اربع 06 فيبروري 2019ع: انڊس هاءِ وي تي مسافر ڪوچ ۽ پڪ اپ وچ ۾ حادثي جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته 11 سخت زخمي ٿي پيا.

انڊس هاءِ وي تي ڪرڪ جي علائقي سپينا بانڊا واري جاءِ تي مسافر ڪوچ ۽ پڪ اپ وچ ۾ حادثي جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 11 سخت زخمي ٿي پيا.

واقعي کانپوءِ زخمين کي ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال ڪرڪ منتقل ڪيو ويو آهي جتي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

ريسڪيو ذريعن موجب حادثو پشاور کان ڊيرا ويندڙ مسافر ڪوچ ۽ پڪ اپ وچ ۾ پيش آيو جڏهن ته ٽڪر کانپوءِ بس سلينڊر ڦاٽي پيو جنهن سبب باهه لڳي وئي ۽ جاني نقصان ٿيو جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري  آهي.