پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ٽئين ٽي ٽوئنٽي ميچ اڄ کيڏي ويندي

news

سنچورين: اربع 06 فيبروري 2019ع: پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ٽئين ۽ آخري  ٽي ٽوئنٽي ميچ اڄ سينچورين ۾ کيڏي ويندي، ميچ پاڪستاني وقت موجب رات 9 وڳي شروع ٿيندي.

آفريڪا کي سيريز ۾ 2-0 جي فيصلائتي برتري حاصل آهي، وائٽ واش کان بچڻ لاءِ پاڪستان کي اها ميچ کٽڻي پوندي.

اها پاڪستان جي آفريڪا ٽوئر جي آخري ميچ آهي، ان کان اڳ ڏکڻ آفريڪا پاڪستان کي ٽيسٽ سيريز ۾ وائٽ واش، ون ڊي سيريز ۾ 3-2 تان شڪست ڏني آهي.