هالينڊ جو اسلام مخالف سياستدان مسلمان ٿي ويو

news

ايمسٽرڊيم: اربع 06 فيبروري 2019ع: هالينڊ جو اسلام مخالف سياستدان گيرٽ وائلڊر جو اهم ساٿي ۽ اڳوڻو اسيمبلي ميمبر جورم ڪليرن اسلام قبولي ورتي.

اسلام آباد خلاف سخت موقف رکڻ ۽ ان جي پرچار ڪندڙ جورم ڪليرن پنهنجي غلطين جو اعتراف ڪندي اسلام ۾ داخل ٿيڻ جو اعلان ڪيو. جورم ڪليرن جو چوڻ هو ته اسلام جو منفي چهرو پيش ڪرڻ ۽ اسلام جي باري ۾ ماڻهن کي غلط ڄاڻ فراهم ڪرڻ تي معافي گهران ٿو.

40 ورهين جي ڪليرن جو چوڻ هو ته ان جي ڪتابن جي الماڙي ۾ اسلام مخالف گهڻا ئي ڪتاب هئا ۽ ان سان گڏوگڏ بائبل ۽ اسلام جي پيغمبر بابت به ڪتاب هئا جن جو گهرائي سان مطالعو ڪيو ۽ ان نتيجي تي پهتس ته سندس اسلام بابت سوچ غلط هئي.

ڪليرن چيو ته هن شروعات ۾ اسلام مخالف ڪتاب لکڻ جو فيصلو جنهن جي لاءِ تمام گهڻو مواد لکيو ۽ چاهي پيو ته اسلام جي دليلن جو جواب دليلن سان ڏيان پر ان نتيجي تي پهتس ته کاٻي ڌر جي ميمبرن ۽ دنيا طرفان مسئلن جو ذميوار اسلما کي قرار ڏيڻ غلط آهي.