جڏهن به ۽ جتي به ملي، ڪاميابي نيٺ ڪاميابي هوندي آهي: شعيب ملڪ

news

 سينچورين: خميس 07  فيبروري 2019ع: قومي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي وقتي ڪپتان شعيب ملڪ چيو آهي ته جڏهن به ۽ جتي به ملي، ڪاميابي نيٺ ڪاميابي هوندي آهي ۽ ڪاميابي مان هميشه اطمينان ملندو آهي.

ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز جي آخري مئچ ۾ شاندار سوڀ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي اسٽار آل رائونڊر چيو ته جڏهن اوهان کٽي ڊريسنگ روم ۾ داخل ٿيو ٿا ته هر پاسي کلندڙ چهرا ڏسڻ ۾ ايندا آهن.

هن چيو ته ڏکڻ آفريڪا جي تازي سيريز مان رڳو مون نه پر ٽيم جي نوجوان رانديگرن تمام گهڻو سکيو آهي، جتي جتي ڪوتاهيون ۽ ڪمزوريون نظر آيون اتي اسان کي بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي.