ڪوئيٽا ۾ گهر اندر گئس ڀرجڻ ڪري پيءُ ٽن ٻارڙن سوڌو فوت

news

 ڪوئيٽا: جمعو 08  فيبروري 2019ع: پشتون آباد ۾ گهر اندر گئس ليڪيج سبب ساهه ٻوساٽجڻ سبب پيءُ ٽن ٻارڙن سوڌو فوت ٿي ويو آهي.

نجي ٽي وي مطابق ڪوئيٽا جي علائقي پشتون آباد ۾ هڪ گهر اندر گئس ليڪيج سبب ساهه ٻوساٽجڻ ڪري 4 ڄڻا فوت ٿي ويا. فوت ٿيندڙن ۾ پيءُ ۽ سندس 3 ٻارڙا شامل آهن، جڏهن ته ماءُ سميت 2 ٻارڙين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.