حڪومت هلندڙ مالي سال جي پهرين ڇهن مهينن ۾ ٻه ارب ٽيهه ڪروڙ ڊالر قرض ورتو: رپورٽ

news

 اسلام آباد: جمعو 08  فيبروري 2019ع: حڪومت هلندڙ مالي سال جي پهرين ڇهن مهينن ۾ 2 ارب 30 ڪروڙ ڊالر قرض ورتو آهي.

اقتصادي معاملن واري ڊويزن جي رپورٽ مطابق گذريل سال هن مدي دوران 5 ارب 90 ڪروڙ ڊالر پرڏيهي قرض ورتو ويو هو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته حڪومت جولاءِ کان ڊسمبر تائين 2.3 ارب ڊالر قرض ورتو، جنهن ۾ چين کان 83 ڪروڙ 60 لک ڊالر قرض ورتو ويو.

رپورٽ مطابق ڪمرشل بئنڪن مان 6 مهينن ۾ 50 ڪروڙ ڊالر، ايشيائي ترقياتي بئنڪ مان 33 ڪروڙ 90 لک ڊالر، جڏهن ته اسلامي ترقياتي بئنڪ مان 27 ڪروڙ 20 لک ڊالر قرض ورتو ويو.