شام ۾ داعش جي آخري مرڪز تي وڏو حملو، فيصلائتي جنگ جاري

news

دمشق: آچر 10 فيبروري 2019ع: شام ۾ آمريڪي حمايت يافته فورس ايس ڊي ايف داعش جي آخري مرڪز تي فيصلائتو حملو ڪري ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ اتي سخت جنگ جاري آهي.

ايس ڊي ايف مختلف ويڙهاڪ تنظيمن تي ٻڌل اتحاد آهي جيڪو شام ۾ داعش خلاف آپريشن ڪري رهيو آهي.

ايس ڊي ايف جي ترجمان پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اوڀر صوبي دير الزور ۾ انهن کي داعش جي ويڙهاڪن طرفان سخت مزاحمت کي منهن ڏيڻو پيو، ظاهري طور تي ايئن محسوس ٿئي ٿو ته داعش جا سڀ کان تجربيڪار جهادي پنهنجي ان آخري مرڪز جو دفاع ڪري رهيا آهن.

ٻه سال اڳ داعش پاران شام ۽ عراق جي وڏي علائقي تي قبضو ڪيو هو، ان کانپوءِ آمريڪا جي سربراهي هيٺ مختلف ملڪن جي اتحاد داعش خلاف آپريشن ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ هاڻ هو عراقي سرحد ويجهو هڪ ننڍي ڳوٺ باغوز تائين محدود رهجي ويا آهن.

ان علائقي مان شهرين کي ڪڍڻ لاءِ هڪ هفتي جي مهلت ڏني هئي جيڪا گذريل ڏينهن ختم ٿي وئي جنهن کانپوءِ باغوز تي حملو ڪيو ويو آهي.

ايس ڊي ايف جي ترجمان مصطفيٰ بالي ٻڌايو ته باغوز ۾ خوفناڪ جهڙپون ٿي رهيون آهن ۽ شايد اتي داعش جا سڀ کان خطرناڪ ويڙهاڪ موجود آهن جيڪي پنهنجي آخري مرڪز جو پوري طاقت سان دفاع ڪري رهيا آهن.