برلن ۾ ٻارڙن کان جسم فروشي ڪرائيندڙ گروهه جا چار ميمبر گرفتار
ويب ڊيسڪ | 1 ھفتو پھريان

برلن: سومر 11 فيبروري 2019ع: جرمني جي گادي واري شهر برلن ۾ پوليس ٻارن کان جسم فروشي ڪرائيندڙ هڪ سرگرم گروپ جا 4 ميمبر گرفتار ڪري ورتا آهن.
برلن جي پوليس چيو آهي ته گرفتار ڪيل چار ئي جوابدار يورپي ملڪ رومانا سان تعلق رکن ٿا، جيڪي ٻين ٻارن کانسواءِ پنهنجن ٻارڙن کان پڻ جسم فروشي ڪرائي رهيا هئا. برلن ڪانٽيئر گارٽن پارڪ اهڙن ڏوهن جو مرڪز بڻجي چڪو آهي، جتي ڪيترائي مرد پنهنجي جنسي خواهشن لاءِ گهٽ عمر جي ٻارن جي ڳولا ۾ ايندا آهن. پوليس موجب اهي ماڻهو پئسن جي هوس ۾ پنهنجن ٻارن کان پڻ جبري طور تي جسم فروشي ڪرائيندا آهن.
برلن جي استغاثه جي آفيس ۽ ڏوهن سان متعلق جاچ ڪندڙ اداري گڏيل جاچ جي نتيجي ۾ ان سرگرم گروپ جي نشاندهي ڪئي هئي. اختيارين گهٽ عمر جي ٻارن کي انهن جي خاندان کان الڳ ڪري چائلد ويلفيئر ادارن حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

79