انسٽاگرام دل جهوريندڙ منظرن جي روڪٿام لاءِ فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو

news

نيويارڪ: سومر 11 فيبروري 2019ع: سماجي رابطن واري ويب سائيٽ انسٽاگرام واهپيدارن خاص طور تي ٻارن جي ذهن تي خراب اثر ڇڏيندڙ دل جهوڙيندڙ منظرن، پاڻ کي نقصان پهچائيندڙ مواد جي روڪٿام لاءِ نئون فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب سوشل ميڊيا ويب سائيٽ انسٽاگرام جي انتظاميه هڪ برطانوي نوجوان ناري مولي رسل جي خودڪشي کانپوءِ پوسٽ جي شيئرنگ کانپوءِ نئون فيچر حساس اسڪرين متعارف ڪرائي ڇڏيو اهي.

جنهن جو اعلان انسٽاگرام جي سربراه ايڊم موسيري پاڻ ڪيو، ان فيچر سان رت، زخم، قتل، خودڪشي سميت ٻين دل جهوريندڙ منظرن جي تصويرن کي ڌنڌلاو ڪيو ويندو ۽ صرف خواهشمند واهيپدارن جي بٽڻ دٻائڻ تي ئي موجود هوندو، پيج تي اسڪرولنگ جي دوران اهي منظر سامهون نه اچي سگهندا.

نئين فيچر جي تحت اهڙين سمورين تصويرن کي به بلاڪ ڪيو ويندو جنهن ۾ ڪوبه واهپيدار پاڻ کي نقصان پهچائي ٿو يا اهڙي ڪابه ترغيب ڏيندي نظر ايندو ته جيئن ننڍي عمر جا نوجوان منفي اثر وٺندي پاڻ کي نقصان نه پهچائي وٺن، جهڙوڪ برطانوي ناري جي خودڪشي جو واقعو رپورٽ ٿيو آهي.