ارجنٽائن جي اسپتال ۾ ننڍڙن مريضن لاءِ اليڪٽرڪ گاڏيون

news

روساريو: سومر 11 فيبروري 2019ع: ارجنٽائن جي هڪ اسپتال ۾ ننڍڙن مريضن لاءِ مني لگزري ڪار اچي وئي، ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ان ڪار جي استعمال سبب گهڻيون ئي ڏکيائيون آسان ٿي ويون آهن.

روساريو جي چلڊرن اسپتال ۾ ننڍڙن مريضن کي خوش ڪرڻ ۽ انهن جي اُداسي ختم ڪرڻ لاءِ اسپتال انتظاميه مني اليٽرڪ ٽوائي ڪار وٺي آئي جنهن ۾ ويهي ٻار پنهنجي وارڊ کان سرجري روم تائين سفر ڪندا آهن.

پنهنجي من پسند ٽوائي ڪار ۾ ويهي ٻار هاڻ نه صرف خوشي خوشي سرجري ڪرائڻ وايندا آهن پر بيماري سبب انهن تي ڇانيل بوريت ۽ اُداسي به ختم ٿي ويندي آهي، ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ان ڪار جي استعمال سبب گهڻيون ڏکيائيون آسان ٿي ويون آهن.