ارشاد رانجهاڻي جي قتل ڪيس ۾ پوليس به ملوث آهي: مراد علي شاهه

news

ڪراچي: سومر 11 فيبروري 2019ع: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم عمران خان کي ميثاق جمهوري جي آڇ ڪندي چيو آهي ته عمران خان اچي بلاول ڀٽو زرداري ۽ شهباز شريف سان ميثاق جمهوري تي صحيحون ڪري، پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي سربراهي ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.

سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته عمران خان اچي، بلاول ڀٽو زرداري ۽ شهباز شريف سان گڏ ميثاق جمهوريت تي صحيحون ڪري اسان ان کي پي اي سي جي سربراهي ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.

سنڌ جي وڏي وزير ڪراچي جي علائقي ڀينس ڪالوني ۾ يوسي چيئرمين رحيم شاهه جي هٿان قتل ٿيندڙ ارشاد رانجهاڻي جي واقعي تي ڳالهائيندي چيو ته ارشاد رانجهاڻي کي 5 گوليون تمام ويجهي کان هنيون ويون ۽ ان قتل ڪيس ۾ پوليس به ملوث آهي.

هن جو چوڻ هو ته پوليس گوليون لڳل شخص کي اسپتال پهچائڻ بدران ٿاڻي تي وٺي وڃي ٿي، پوليس جو مائنڊ سيٽ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ جيڪڏهن واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو ته مان پاڻ ڪيس داخل ڪرائيندس.

هن چيو ته ارشاد رانجهاڻي قتل جي واقعي مون کي لوڏي ڇڏيو آهي ۽ آءِ جي سنڌ کي واقعي جي جاچ لاءِ سخت حڪم ڏنا آهن.

سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ هو ته اڄ ڪلهه آءِ جي کي عدالتي حڪمن جو حوالو ڏئي تبديل ڪيو ويندو آهي پر اسان پوليس ۾ سڌارن لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون.

مراد شاهه چيو ته پوليس غير ذميواراڻو رويو ڏيکاريو ۽ وقت تي واقعي واري جاءِ تي نه پهچي سگهي جنهن سبب حڪومت تي جان ۽ مال جي حفاظت جو عوامي اعتماد متاثر ٿيو آهي.

هن چيو ته واقعي سان عوام جو رياست تي اعتماد مجروح ٿيو آهي، يوسي چيئرمين رحيم شاهه جي دعويٰ درست به مڃي وڃي ته قانون قتل جو لائسنس نه ٿو ڏئي.

سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ هو ته رحيم شاهه پاڻ جج بڻجي سزا ڏيڻ جو عمل ڪيو ۽ حڪومت جي رٽ کي چيلينج ڪيو، سوشل ميڊيا تي موجود فوٽيج ڏيکاري رهي آهي ته اهو غير انساني ۽ ظالماڻو رويو هو. هن چيو ته رحيم شاهه قومي شاهراهه تي ڀينس ڪالوني ويجهو ارشاد رانجهاڻي کي قتل ڪيو.