عمران خان پهريون وزيراعظم آهي جيڪو ڪشتو کڻي پاڻ آءِ ايم ايف وٽ ويو: مريم اورنگزيب

news

لاهور: سومر 11 فيبروري 2019ع: پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته پهريون وزيراعظم آهي جيڪو ڪشتو کڻي پاڻ آءِ ايم ايف سان ملڻ ويو جنهن ٽيم تي وزيراعظم کي خود ڀروسو نه آهي ان ٽيم تي عوام ڪيئن اعتماد ڪري آءِ ايم ايف پئڪيج سان عوام لاءِمهانگائي جو نئون سونامي اچڻ وارو آهي چورن وانگر آءِ ايم ايف سان ڳجهيون شرطون طئي ڪرڻ بدران پارليمان کي آگاهه ڇو نٿو ڪيو وڃي.

عمران صاحب اسان نٿا چاهيون ته اوهان آپگهات ڪريو ڇو ته آپگهار حرام پر پنهنجي ڪوڙ ۽ يوٽرن تي گهٽ ۾ گهٽ قوم کان معافي ته وٺو هن آءِ ايم ايف بيل آئوٽ پئڪيج تي ردعمل ڏيندي چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) عوام تان مهانگائي جو بار لاهڻ ۽ ملڪ ۾ معيشت کي مضبوط ڪرن لاءِ آءِ ايم ايف جو پروگرام ختم ڪري ڇڏيو هو پر نااهل حڪومت پنهنجي نااهلي جو سمورو بار عوام تي وجهي ڇڏيو آهي.

هن چيو ته ڪوڙي ۽ نائلائق حڪومت قوم کي دوکو ڏيئي رهي هئي چور دروازي کان آءِ ايم ايف سان پئڪيج ڊيل پهرين فائينل ڪري چڪي آهي نالائق ۽ عوام دشمن حڪومت آءِ ايم ايف سان طئي ٿيندڙ شين کي ڇو لڪائي رهي آهي مريم اورنگزيب چيو ته آءِ ايم ايف جي شرطن تي بجلي گئس عام واهپي جي اگهن ۾ رڪارڊ واڌ، يوٽلٽي اسٽور بند، حج سبسڊيز ختم ڪري ڇڏي قوم کي ٻڌائي ته نئين آءِ ايم ايف بيل آئوٽ پئڪيج ۾ گئس بجلي عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ وڌيڪ ڪيتري واڌ ٿيندي.

عمران صاحب ٻڌائي ته آءِ ايم ايف سان معاهدي ۾ هڪ ڪروڙ روڪرين ۽ 50 لک گهرن جي اڏاوت تي ڇا طئي ٿيو هن چيو ته رپئيجي ملهه ۾ وڌيڪ لاٿ، ڊالر وڌي وڃڻ ۽ شين جا اگهه وڌڻ سان معاشي قيامت جو منظر نظر ايندو.