ليجنڊري ريسلر آخرڪار ڊبليو ڊبليو اي کي الوداع چوڻ لاءِ تيار

news

نيويارڪ: سومر 11 فيبروري 2019ع: هر سال جنوري کانپوءِ اها اطلاع سامهون اچڻ لڳندا آهن ته هو ڊبليو ڊٻليو کي الوداع چوڻ وارو آهي پر 2017 ۾ ريسل مينيا 33 ۾ رومن رينز هٿان شڪست کانپوءِ ته سڀني مڃي ورتو هو ته هو رٽائر ٿي چڪو آهي.

پر هو ريسل مينيا 34 ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واپس آيو ۽ جان سينا کي شڪست ڏني جڏهن ته ان کانپوءِ به ڪيترن ئي ايونٽس ۾ شريڪ ٿيو.

پر هاڻ هڪ ڀيور ٻيهر لڳي ٿو ته انڊرٽيڪر ڊبليو ڊبليو اي کي الوداع جو فيصلو ڪري ورتو آهي ۽ هن ڀيري ڪجهه واضح علامتون به نظر اچي رهيون آهن. آمريڪي رسالي فوربس موجب انڊرٽيڪر گذريل سال نومبر ۾ سماجي  رابطن جي ويب  سائيٽ ٽوئيٽر ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ ان کانپوءِ پنهنجي ذاتي تفصيل مان ڊبليو ڊبليو اي جي سمورن حوالن کي هٽائي ڇڏيو.

هاڻ هن هڪ اي ميل ايڊريس ان اڪائونٽ تي ڏني آهي جنهن وسيلي سندس بڪنگ لاءِ رابطو ڪري سگهجي ٿو.

رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته هن سال ريسل مينيا 35 ۾ انڊرٽيڪر جي شموليت جو امڪان ناهي ۽ ڪمپني ان جي لاءِ ڪنهن ميچ جي منصوبابندي نه ڪئي هئي، ايستائين جو هو پنهنجي ريسلنگ ڪردار جو تحفظ به نه پيو ڪري.

عام طور تي انڊرٽيڪر پنهنجي مخصوص انداز جو تحفظ ڪندو آهي ۽ تمام گهٽ عوامي سطح تي نظر ايندو آهي پر هاڻ هو ميڊيا بڪنگ ڪري رهيو آهي ۽ اهو ان وقت ٿيو آهي جڏهن ڪمپني ريسل مينيا ۾ ان جي لاءِ ڪابه ميچ شيڊول ناهي ڪئي.

انڊرٽيڪر هن وقت مداحن کي آٽوگراف ڏيڻ جي عيوض في ڪلاڪ 25 هزار ڊالر (لڳ ڀڳ 35 لک پاڪستاني روپيا) ڪمائي رهيو آهي.

پنهنجي ڊيڊ مين ڪريڪٽر کان سندس ويڇو ان ڳالهه جو اشارو آهي ته هو ريسلنگ تان رٽائرمينٽ وٺي چڪو آهي يا ان جو اعلان ڪرڻ جي ويجهو آهي.