ڪشمير، فلسطين جي مسئلن جو حل سعودي عرب سان گڏجي ڪڍنداسين: نورالحق قادري

news

اسلام آباد: سومر 11 فيبروري 2019ع: مذهبي معاملن واري وزير نورالحق قادري چيو آهي ته يمن، افغانستان، ڪشمير ۽ فلسطين جي مسئلن جو حل ٻئي ملڪ پاڪستان ۽ سعودي عرب گڏجي ڪڍندا.

اسلام آباد ۾ پاڪ سعودي دوستي تي منعقد اظهار تشڪر ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نورالحق قادري چيو ته سعودي ولي عهد هڪ ڊگهي عرصي کانپوءِ پاڪستان اچي رهيو آهي.

سعودي ولي عهد جي پاڪستان دوري تي سندس شاندار استقبال ڪيو ويندو ۽ ان جي ان دوري جا خطي تي مثبت نتيجا سامهون ايندا.

هن وڌيڪ چيو ته سعودي عرب سان اهميت کان ڪنهن سياسي پارٽي يا فرقي جي ٻٽي راءِ ناهي. ڪشمير، وچ اوڀر ۽ فلسطين جي صورتحال تي پاڪستان ۽ سعودي عرب هڪ پيج تي آهن.