رياست اندر رياست قائم ڪرڻ جي هرگز اجازت نه ڏينداسين: راشد محمود سومرو

news

سجاول: سومر 11 فيبروري 2019ع:رياست جي اندر رياست قائم ڪرڻ جي هرگز اجازت نه ڏينداسين، جيڪڏھن ڪو مجرم آهي ته ان کي سزا ڏيڻ جو اختيار عدالت کي آهي، ڪراچي ۾ ارشاد رانجهاڻي کي سرعام گولين سان پرورڻ ڪرڻ جي سخت مذمت ڪريون ٿا.

اھڙن خيالن جو اظهار جمعيت علماء اسلام صوبي سنڌ جي  جنرل سيڪريٽري مولانا راشد محمود سومرو سجاول ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.

هن چيو ته ارشاد قتل واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي انصاف جي تقاضائن کي پورو ڪيو وڃي، اسان جي يو آءِ طرفان قومپرستن جي ڏنل هڙتال جي سڏ جي ڀرپور حمايت ڪريون ٿا.

هن وڌيڪ چيو ته ختم نبوت جي مسئلي تي جي يو آءِ جو موقف هميشه واضح رهيو آهي، اسان پنهنجي جان ڏئي ڇڏينداسين پر نبي جي حرمت تي آڱر کڻڻ به برداشت نه ڪنداسين.

انهي کان اڳ جي يو آءِ سجاول ۽ ٺٽي ضلعي جو گڏيل اجلاس پڻ ٿي گذريو، جنهن ۾ 24 تاريخ تي ٽنڊو غلام علي ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس کي ڪامياب بنائڻ لاءِ صلاح مشورا ڪيا ويا.

ان موقعي تي ساڻس جي يو آءِ سنڌ جو نائب امير مولانا محمد صالح الحداد، مولانا تاج محمد ناهيون ۽ ٻيا گڏ هئا.01