نصيرآباد ۾ سول سوسائٽي پاران ارشاد رانجهاڻي جي قتل خلاف احتجاجي مظاهرو

news

 نصيرآباد: سومر 11 فيبروري 2019ع:سول سوسائٽي نصيرآباد جي ڪارڪنن پاران ڪراچي ۾ بي دردي سان قتل ڪيل شھيد ارشاد رانجھاڻي جي قاتل رحيم شاہه کي گرفتاري ڪري سزا ڏيڻ لاءِ ڪاٺيابازار محلي کان نصيرآباد پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاھرو ڪڍي ارٿر شاخ جي پل تي ڌرڻو ھنيو ويو.

خبر موجب سول سوسائٽي نصيرآباد جي ڪارڪنن پاران رياض ڦلپوٽو، غفار چنا، عنايت اللہ تونيو، منصور ڪاٺيو، امجد سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪراچي ۾ رحيم پٺاڻ ھٿان ڏينھن ڏٺي جو سرعام بيدردي سان شھيد ڪيل ارشاد رانجھاڻي جي قاتل رحيم پٺاڻ کي گرفتاري ڪري سرعام ڦاسي ڏيڻ لاءِ ڪٺيا بازار محلي کان نصيرآباد پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.

ارٿر شاخ جي پل تي ڌرڻو ھنيو ويو. ان موقعي تي احتجاجي مظاھري کي خطاب ڪندي سول سوسائٽي جي ڪارڪنن چيو ته اسان ڌرتي ڌڻي شھيد ارشاد رانجھاڻي جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، اسان حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون ته سنڌ ۾ رھندڙ ڌارين کي فوري طور نيڪالي ڏني وڃي ۽ شھيد ارشاد رانجھاڻي جي قاتل رحيم شاہه پٺاڻ کي فوري طور گرفتار ڪري سرعام ڦاسي ڏني وڃي. ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.01