حج خرچ چار لک ڇٽيهه هزار کان وڌي ويو، قربانيءَ واري رقم الڳ، حج پاليسي جاري

news

 اسلام آباد: اڱارو 12  فيبروري 2019ع: هلندڙ سال حج خرچ قربانيءَ کانسواءِ 4 لک 36 هزار 975 رپيا ٿي ويو آهي، مذهبي معاملن واري وزارت حج پاليسي 2019ع جاري ڪري ڇڏي آهي.

رپورٽن مطابق هلندڙ سال حج واري فرض لاءِ درخواستون 25 فيبروري کان 6 مارچ تائين وٺڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. مذهبي معاملن واري وزارت مطابق هلندڙ سال هڪ لک 84210 پاڪستاني حج وارو فرض ادا ڪري سگهندا، سرڪاري اسڪيم تحت هڪ لک 7 هزار ۽ نجي اسڪيم ۾ 71610 ماڻهو حج تي ويندا.

حج پاليسي 2019ع مطابق اتر ڊويزن لاءِ حج خرچ قربانيءَ کانسواءِ 4 لک 36 هزار 975 رپيا هوندو، جڏهن ته ڏکڻ ڊويزن لاءِ قربانيءَ کانسواءِ 4 لک 26 هزار 975 رپين تائين هوندو، قرباني جا خرچ 19 هزار 451 رپيا الڳ ادا ڪرڻا پوندا.