سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس جو استعمال آئين مطابق ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

news

 اسلام آباد: اڱارو 12  فيبروري 2019ع: سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس جو استعمال آئين مطابق ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

پاڻمرادو نوٽيس وارن ڪيس جي ٻڌڻي جي قانون ۾ ترميم ڪري انهن کي ريگولرائز ڪرڻ بدران پنهنجي پاڻمرادو نوٽيس جي اختيارن کي آئين مطابق استعمال ڪيو ويندو، جڏهن ته سپريم ڪورٽ بار پاران اپيل جو حق ڏيڻ واري تجويز کي رد ڪيو ويو آهي.

رپورٽن مطابق 6 فيبروري تي فل ڪورٽ اجلاس ۾ آئين جي آرٽيڪل 184 (3) تحت حاصل ڪيل اختيارن کي استعمال ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ جي ضابطن جي سمورن رخن جو تفصيلي جائزو وٺڻ کانپوءِ فيصلو ڪيو ويو ته ان اختيارن جو استعمال هاڻي آئين مطابق ڪيو ويندو.

اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ بار پاران آرڊر XXV ۾ ترميم جي تجويز کي رد ڪيو ويو.