مستونگ ۾ بم ڌماڪو، چار سيڪيورٽي اهلڪار زخمي

news

 ڪوئيٽا: اربع 13  فيبروري 2019ع: بلوچستان جي ضلعي مستونگ جي علائقي شيخ واصل ۾ بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 4 سيڪيورٽي اهلڪار زخمي ٿي پيا آهن.

اڻڄاتل ماڻهن گشت ۾ مصروف سيڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻايو. بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل اهلڪارن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي سندن حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي. ڌماڪي کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري هيٺ آڻي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.