مصر ۾ ڪاٺيءَ سان هلندڙ اي ٽي ايم مشين تيار

news

 قاهره: اربع 13  فيبروري 2019ع: مصر ۾ هڪ بينڪ ٻاهريان لڳل اي ٽي ايم مشين ۾ ڪرنٽ اچڻ سبب واهپيدار مشين سان لٽڪيل هڪ ڪاٺيءَ جي ٽڪڙي جي مدد سان اي ٽي ايم استعمال ڪري رهيا آهن.

العربيه ٽي وي مطابق ڪاٺي سان هلندڙ اها مشين اتر گورنري دقهليه جي دڪرنس شهر ۾ موجود آهي. هڪ مقامي شهري محمود رمضان السعيد ڪرنٽ واري ان مشين جي پنهنجي موبائل ۾ تصوير محفوظ ڪرڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪئي.

انٽرنيٽ تي اڪثر واهپيدارن ان کي ڪوڙي خبر قرار ڏنو جڏهن ته تصوير پوسٽ ڪندڙ صارف جو چوڻ آهي ته ان مشين ۾ واقعي ڪرنٽ آهي.