ڪلوئي ۾ پاڻي جي نلڪي لاءِ ڪيل بور مان گئس نڪرڻ لڳي، جاچ جو مطالبو

news

ڪلوئي: اربع 13 فيبروري 2019ع:ڪلوئي تعلقي جي ڳوٺ حيات مهراڻ پوٽو مان گئس نڪرڻ واريون خبرون ميڊيا ۾ اچڻ باوجود اڃا تائين ڪنهن به نوٽيس نه ورتو، جڏهن ته ڳوٺاڻن پاران کوٽايل بورنگ کي مٽي ڏئي پورائي ڇڏيو.

ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته اسان پاڻي جي نلڪي لاءِ بور ڪرايو ته هڪ زوردار ڌماڪو ٿيو، جنهن بعد بور جي لڳل پائيپن مان هڪ زوردار هوا اچي رهي هئي ته آزمائش خاطر ماچيس جي تيلي ڏني ته ان مان باھ لڳي وئي، جيڪا 12 ڪلاڪ تائين 4 کان 5 فٽ بور کان مٿي ٻري رهي هئي.

جڏهن ته صحافين سان ڳالهائيندي  محمد يونس لنڊ، حاجي مهراڻ پوٽو ۽ ٻين چيو ته اسان پاڻي جي نلڪي لاءِ بور ڪرايو ته اوچتو هڪ زوردار ڌماڪو ٿيو، جنهن بعد انهي مان گئس يا وري پيٽرول جهڙي خوشبو اچي رهي هئي ۽ اندران تيز هوا اچي رهي هئي ته آزمائش لاءِ باھ ڏني، جنهن بعد اها پنج کان ڇھ فٽ مٿي ٻري رهي هئي.

جڏهن ته اسان گهرن کي باهه لڳڻ جي ڊپ سبب بور کي بند ڪرائي ڇڏيو آهي. هنن جو چوڻ هو ته سنڌ سرڪار کي گهرجي ته هن جاچ ڪرائي وڃي.01