ڪوهاٽ ۾ آسماني بجلي ڪرڻ سبب پنج ڄڻا فوت

news

ڪوهاٽ: خميس 14 فيبروري 2019ع: سورگل ۾ آسماني بجلي ٽرانسفارمر تي ڪرڻ سبب پنج ڄڻا فوت ٿي ويا.

رپورٽ موجب ڪوهاٽ جي علائقي سورگل ۾ برسات دوران آسماني بجلي ٽرانسفارمر تي ڪري جنهن سبب هڪ ئي وقت 20 کان وڌيڪ گهرن ۾ شارٽ سرڪٽ ۽ ڪرنٽ لڳڻ جا واقعا ٿيا.

علائقي ۾ شارٽ سرڪٽ ۽ ڪرنٽ لڳڻ سبب پنج ڄڻا فوت جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا، فوت ٿيندڙن ۾ 3 عورتون به شامل آهن جڏهن ته ڪيترن ئي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.