اڏيرو لال اسٽيشن ۾ ڪوري برادري پاران زمين تي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو

news

اڏيرو لال اسٽيشن: جمعو 15 فيبروري 2019ع:اڏيرو لال ويجهو ڳوٺ کيبر جي رهواسي مسمات زينب، عبدالڪريم ڪوري، محمد جمن ڪوري، رمضان ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو آهي ته مقامي بااثر وڏيرو عبدالحق خاصخيلي ۽ عرس کيبر، پاڻ ۾ هم صلاح ٿي ديهه ٺوڙها ۾ اسان غريبن جي 2 ايڪڙ زرعي زمين تي قبضو ڪري اسان کي ڌمڪائي ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي رهيا آهن.

ان موقعي تي متاثر ڌر مسمات زينب ڪوري چيو ته زمين جا کاتا اسان جا آهن پر ان باوجود بااثر ڏنڊي جي زور تي اسان کي حراسان ڪري زبردستي زمين تي قبضو ڪرڻ کانپوءِ فصل پوکي رهيا آهن، اهڙي عمل کانپوءِ اسان احتجاج ڪيو ته بااثر مڇرجي اسان کي اغوا، قتل ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ لڳا آهن.

هن وڌيڪ چيو ته اسان غريب آهيون، الله کانسواءِ ڪوبه ناهي، جنهن ڪري هو اسان خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي هراسان ڪرائي زمين تان هٿ کڻڻ لاءِ دٻاءَ وجهي رهيا آهن، آخر ۾ هن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي مٽياري ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته بااثر خلاف ڪارروائي ڪري اسان غريبن سان انصاف ڪري اسان جي زرعي زمين تان قبضو ختم ڪرايو ڏنو وڃي.01