ڪلوئي ويجهو ڪراچي_مٺي ٿرڪول روڊ تي آئل ٽينڪر ڪلٽي، روڊ بلاڪ

news

ڪلوئي: ڇنڇر 16 فيبروري 2019ع:ڪلوئي ويجهو بلوچ آباد وٽ مين ڪراچي مٺي ٿر ڪول روڊ تي پيٽرول سان ڀريل آئل ٽينئڪر نمبر ٽي ٽي بي 216 جيڪو ڏيپلو طرف وڃي رهيو هو مسافر وين کي بچائيندي سامهون ايندڙ کيکڙي سان ٽڪرائجي سلپ ٿي ڪلٽي ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو، جڏهن ته کيکڙي ۽ وين جا اڳيان حصا مڪمل طور ٽٽي تباهه ٿي ويا.

جڏهن ته آئل ٽيئڪر مين مٺي ڪراچي ٿرڪول روڊ تي ڪلٽي ٿيڻ ڪري مين روڊ ڇهن کان ست ڪلاڪن تائين بلاڪ ٿي ويو، جنهن سبب ڪراچي کان ٿرپارڪر ۽ ٿرپارڪر کان ڪراچي ڏانهن ويندڙ سوين گاڏيون بيهجي ويون.

جڏهن ته اطلاع تي ڪلوئي پوليس ۽ ڊي ايس پي مٺي واقعي واري هنڌ پهتا، جتي آئل ٽينڪر مان ماڻهو بالٽيون کڻي پيٽرول ڪڍي رهيا هئا ۽ پيٽرول روڊ تي پڻ هارجي رهيو هو. جنهن بعد ڪلوئي پوليس ماڻهن کي پري هٽائي بلوچ آباد اسٽاپ کي مڪمل طور تي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو.

جڏهن ته ڇهن ڪلاڪن تائين مسافر دربدر ٿيندا رهيا، جنهن بعد ڏيپلو مان فائر برگيڊ ۽ خالي ٽينڪر گهرائي پيٽرول ڪريل ٽينڪر مان ڪڍيو ويو. جڏهن ته ڇهن ڪلاڪن تائين بلوچ آباد اسٽاپ جا سمورا دڪان هوٽلون ۽ ٻيو ڪاروبار بند رهيو.01