پنجاب حڪومت پاران ڏهن سالن تائين ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ جو فيصلو

news

لاهور: آچر 17 فيبروري 2019ع: پنجاب جي وڏي وزير پوليو جي خاتمي بابت اعليٰ سطحي اجلاس ۾ لاهور ۾ پوليو جو ڪيس سامهون اچڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي جڏهن ته پنجاب حڪومت پوليو جا ڦڙا ڏهن سالن تائين جي ٻارن کي پيارڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

تفصيل موجب لاهور ۾ پنجاب جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ پوليو جي خاتمي بابت اجلاس ٿيو جنهن ۾ پوليو جي روڪٿام لاءِ تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ صوبائي وزير صحت، ٻين کاتن جي وزيرن، وزيراعظم جي  فوڪل پرسن، چيف سڪيريٽري، صحت کاتي جي آفيسرن ۽ ڊبليو ايڇ او اختيارين شرڪت ڪئي.

پنجاب جي وڏي وزير اجلاس دوران فيصل آباد، راولپنڊي ۾ ماحولياتي نمونا مثبت اچڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته لاهور ۾ پوليو جو ڪيس سامهون اچڻ انتهائي ڳڻتي جوڳو امر آهي، اجلاس ۾ پوليو جا ڦڙا 10 ورهين تائين ٻارن کي پيارڻ جو فيصلو ڪيو ويو.