چوڏهين چولستان جيپ ريلي، نادر مگسي ٻيهر ڪامياب

news

بهاولپور: آچر 17 فيبروري 2019ع: چوڏهين چولستان انٽرنيشنل ڊيزرت جيپ ريلي جي غير حتمي نتيجن موجب بلوچستان سان تعلق رکندڙ نادر مگسي پنهنجي اعزاز جو دفاع ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو آهي.

غير حتمي نتيجن موجب نادر مگسي 466 ڪلوميٽر جو ٽريڪ 4 ڪلاڪ 29 منٽن ۾ طئه ڪيو، چئن ڪلاڪن 40 منٽڻ سان زين محمود ٻئين پوزيشن حاصل ڪئي.

نادر مگسي جو سخت مخالف جهنگ سان تعلق رکندڙ صاحبزادا سلطان ٽئين نمبر تي رهيو، هن اهو فاصلو چار ڪلاڪ 42 منٽن طئه ڪيو، پري پيڊ ڪيٽيگري جي فائنل رائونڊ ۾ 34 گاڏيون 256 ڪلوميٽر ڊگهي ٽريڪ تي ڊوڙايون وينديون.

سنڌ سان تعلق رکندڙ نادر مگسي پنهنجي اعزاز جو دفاع ڪندو، جهنگ سان تعلق رکندڙ صاحبزادا سلطادفاعي چيمپيئن وچ ۾ سخت مقابلي جو امڪان آهي.