سلمان خان پاران امڙ کي نئين لگزري گاڏي جو تحفو

news

 ممبئي: آچر 17 فيبروري 2019ع: بالي ووڊ اداڪار سلمان خان پنهنجي امڙ کي نئين لگزري گاڏي جو تحفو ڏئي حيران ڪري ڇڏيو آهي.

ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق سلمان خان جي والده پنهنجي روزمرهه جي استعمال لاءِ سادي گاڏي خريد ڪرڻ چاهي پئي، سلمان خان ان کي لگزري گاڏي جو تحفو ڏئي ڇڏيو. پنهنجي گهر ۾ اوچتو نئين گاڏي کي ڏسي سلمان خان جي والده حيران ٿي وئي.