پاڪ_سعودي عرب جي لاڳاپن ۽ محمد بن سلمان جي زندگيءَ تي هڪ نظر

news

 اسلام آباد: آچر 17 فيبروري 2019ع: سعودي عرب جو ولي عهد محمد بن سلمان 31 آگسٽ 1985 تي پيدا ٿيو، هن رياض جي ڪنگ سعود يونيورسٽي مان گريجيوئيشن ڪئي، 21 جون 2017ع تي ولي عهد بڻيو. محمد بن سلمان جي دوري حوالي سان خاص رپورٽ موجب سعودي عرب جو روشن خيال نوجوان ولي عهد محمد بن سلمان 31 آگسٽ 1985ع تي پيدا ٿيو، 2009ع ۾ رياض جي گورنر جو صلاحڪار مقرر ٿيو، 21 جون تي سعودي فرمان روا شاهه سلمان 31 ورهين جي پٽ محمد بن سلمان کي ولي عهد بڻائي ڇڏيو. رپورٽ موجب ولي عهد محمد بن سلمان بچاءَ جي وزارت جو عهدو به ورتو، جنهن کانپوءِ سعودي عرب ۾ غير معمولي تبديليون ڏسڻ ۾ آيون، هن ڪرپشن خلاف هڪ وڏي مهم شروع ڪئي. رپورٽ موجب ولي عهد تيل تي گهٽ ڀاڙڻ لاءِ ويزن 2030ع به متعارف ڪرايو، محمد بن سلمان وٽ قونصل آف اڪنامڪ اينڊ ڊيولپمينٽ افيئرز جي چيئرمين جو قلمدان آهي، ان قونصل جو اقتصادي پاليسي بڻائڻ ۾ اهم ڪردار آهي. ياد رهي ته محمد بن سلمان کي 4 ٻار آهن جن مان 2 پٽ ۽ 2 نياڻيون آهن.

پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ دوستي جو بنياد شاهه ابن سعود 1951ع ۾ رکيو. سعوي ولي عهد محمد بن سلمان جي دوري جي حوالي سان خاص رپورٽ موجب شاهه ابن سعود 1951ع ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو، فيصل بن عبدالعزيز جي دوري ۾ پاڪ سعودي لاڳاپا مضبوط ٿيا. رپورٽ موجب شاهه فيصل جي دوري ۾ سعودي عرب سرڪاري سطح تي ڪشمير جي مسئلي جي پاڪستان جي تائيد ڪئي، شاهه فيصل 1966ع ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان جو دورو ڪيو، شاهه فيصل مرڪزي جامعه مسجد شاهه فيصل مسجد جو بنياد رکيو. رپورٽ موجب 1967ع ۾ پاڪ سعودي فوجي تعاون جو پهريون معاهدو ٿيو، پنجاب صوبي جي شهر لائيل پور جو نالو فيصل آباد رکيو ويو، 1998ع ۾ ايٽمي ڌماڪا، پابندين تي سعودي عرب ڀرپور مدد ڪئي، 2005ع ۾ تباهي مچائيندڙ زلزلي ۾ پاڪستان جي وڌ ۾ وڌ مالي سهائتا ڪئي، 2010ع ۽ 2011ع جي ٻوڏ وقت به سعودي عرب پوئتي نه هٽيو ۽ پاڪستان جي مدد ڪئي.