پاڪستان کي خيرات نه پيا ڏيون پر سيڙپڪاري ڪري رهيا آهيون: سعودي پرڏيهي وزير

news

 اسلام آباد: سومر 18 فيبروري 2019ع: سعودي پرڏيهي وزير عادل الجبير چيو آهي ته پاڪستان کي خيرات نه پيا ڏيون پر سيڙپڪاري ڪري رهيا آهيون.

سعودي پرڏيهي وزير عادل الجبير پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سعودي عرب مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ته جيئن رخ جو تعين ٿي سگهي، اسان سيڙپڪاري جو ارادو ظاهر ڪيو، جنهن کي پاڪستان قبول ڪيو، هاڻي ٽيڪنيڪي  ۽ مالياتي شعبن جا ماهر انهن منصوبن تي ڪم ڪندا ۽ عملي جامو پارائيندا. هن چيو ته اسان پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ چاهيون ٿا، ٻنهي ملڪن ۾ دهشتگردي خلاف سيڪيورٽي سهڪار به موجود آهي ۽ گهرا فوجي لاڳاپا به آهن.

عادل الجبير چيو ته وزيراعظم عمران خان پاڪستان کي ترقي جي ايندڙ درجي تي وٺي وڃڻ لاءِ پرعزم آهي، اسان پاڪستان کي خيرات نه پيا ڏيون پر سيڙپڪاري ڪري رهيا آهيون، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جو فائدو آهي، جيڪڏهن اسان کي پاڪستان تي يقين نه هجي ها ته ڪڏهن به سيڙپڪاري نه ڪريون ها، پاڪستاني شهرين سعودي عرب جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي، سعودي عرب ۾ 15 لک کان وڌيڪ پاڪستاني محنت ڪش پورهيو ڪري رهيا آهن، جيڪي امن پسند ماڻهو آهن، اسان انهن جي کليل دل سان آجيان ڪريون ٿا.

هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ جو خاتمو چاهيون ٿا، سعودي عرب جو موقف آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت پنهنجا مسئلا ۽ تڪرار پرامن طور تي حل ڪن.