سعودي ولي عهد جي آرمي چيف سان ملاقات، دفاعي سهڪار وڌائڻ تي اتفاق

news

 اسلام آباد: سومر 18 فيبروري 2019ع: سعودي ولي عهد محمد بن سلمان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي.

ٻنهي شخصيتن پاڪ_سعودي دفاعي سهڪار سميت خطي جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون، جڏهن ته افغان طالبان سان ٿيندڙ ڳالهين بابت به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور به موجود هو.

سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشوراڻين صلاحيتن جي ساراهه ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن دفاعي ۽ فوجي سهڪار کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ سعودي شاهي خاندان جون اهم شخصيتون به شامل هيون.

ان کانپوءِ محمد بن سلمان سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي سربراهي ۾ 11 رڪني پارلياماني وفد سان به ملاقات ڪئي، جنهن ۾ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري به شامل هئا.