محمد حفيظ پي ايس ايل مان آئوٽ، لاهور قلندرز تصديق ڪري ڇڏي

news

 دبئي: سومر 18 فيبروري 2019ع: لاهور قلندرز جو ڪپتان محمد حفيظ پاڪستان سپر ليگ مان ٻاهر ٿي ويو آهي، جنهن جي تصديق لاهور قلندرز انتظاميا ڪري ڇڏي آهي.

محمد حفيظ ڪراچي ڪنگز خلاف پي ايس ايل جي پنجين ۽ لاهور قلندرز جي ٻئين مئچ ۾ آڱوٺي ۾ بال لڳڻ ڪري زخمي ٿي پيو آهي.

لاهور قلندرز جي مئنيجمينٽ مطابق محمد حفيظ جي آڱوٺي ۾ فريڪچر ٿي پيو آهي، جنهن لاءِ سرجري گهربل آهي ۽ ان کي مڪمل طور بحال ٿيڻ لاءِ 6 کان 8 مهينا لڳي سگهن ٿا.

لاهور قلندرز جي چيف آپريٽنگ آفيسر ثمين رانا جو چوڻ آهي ته محمد حفيظ کي اسڪواڊ کان رليز ڪيو پيو وڃي ۽ ان جو متبادل ٽيم ۾ شامل ڪيو ويندو.