مهراڻ يونيورسٽي جو باني وائيس چانسلر ڊاڪٽر ايس ايم قريشي لاڏاڻو ڪري ويو

news

 ڄامشورو: سومر 18 فيبروري 2019ع: مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو جو باني وائيس چانسلر ۽ اڳوڻو وفاقي سيڪريٽري  پروفيسر ڊاڪٽر ايس ايم قريشي ڪراچي جي هڪ خانگي اسپتال ۾83  ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. مرحوم جي جنازي نماز سڀاڻي اڱاري جي ڏينهن منجهند هڪ وڳي جامع مسجد مهراڻ يونيورسٽي ۾ ادا ڪئي ويندي، جنهن کانپوءِ تدفين مهراڻ يونيورسٽي ۾ ڪئي ويندي، جڏهن ته باني وائيس چانسلر جي لاڏاڻي تي مهراڻ يونيورسٽي ۾ سومر ڏينهن تدريسي ۽ انتظامي سرگرميون معطل رهيون. اڪيڊمڪ ڪائونسل جي سربراهن جي رٿيل گڏجاڻي پڻ ملتوي ڪئي وئي.

مهراڻ يونيورسٽي جي تاحيات پروفيسر ۽ (مسٽڊ) انسٽيٽيوٽ جي اعزازي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر ايس ايم قريشي جي لاڏاڻي تي مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي جي صدارت ۾ تعزيتي گڏجاڻي ٿي گذري، جنهن ۾ يونيورسٽي ۾ هڪ ڏينهن لاءِ تدريسي ۽ انتظامي سرگرميون معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

ڊاڪٽر ايس ايم قريشي اين اي ڊي يونيورسٽي ڪراچي مان سول انجنيئرنگ شعبي ۾ بي اي، بئنڪاڪ ٿائيلينڊ جي يونيورسٽي چلاآنگ ڪارن(Chullalongkorn) مان ايم اي ۽ برطانيا جي شيفالڊ((Sheffieldيونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي ڪئي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي وفاقي سيڪريٽري واري دور ۾ هن ملڪ ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪافي ڪم ڪيو. ڊاڪٽر ايس ايم قريشي زندگي جي آخري ڏينهن تائين تعليم جي واڌ ويجهه لاءِ ڪم ڪندو رهيو.

تعزيتي اجلاس ۾ وائس چانسلر، پرو وائس چانسلر ۽ رجسٽرار سميت مختلف شعبن جي چيئرمينن ۽ ڊينز شرڪت ڪئي ۽ مرحوم جي ڪيل تدريسي خدمتن تي ڀيٽا پيش ڪئي.